ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ لڳ جڏھن ته  ڳوٺ شاهه دوست جکراڻي جي رهواسين  ارباز علي جکراڻي، بخت علي جکراڻي، الله ڏنو جکراڻي، خادم جکراڻي، مينگل جکراڻي، شهمير جکراڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته بخشاپور پوليس سياسي بااثر جي چوڻ تي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. ھنن چيو ته  اسان سان پوليس زيادتي ۽ تنگ ڪري رهي آهي اڄ صبح جو اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جي ڳوٺ گهرن کي ڀڃ ڊاهه ڪري گهرن ۾ پيل نياڻين جو ڏاج، سون چاندي ڳئون ٻڪريون ۽ ٻيو سامان ۽ هڪ اسان جي يارهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگرد محمد خان پٽ ارباز علي جکراڻي کي پوليس کنڀي وئي آھي. جنهن جو 3 لک ڀنگ گهري رهي آهي ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌمڪي ڏني وئي ته اوهان کي محمد خان جو لاش ڏنو ويندو. ھنن چيو ته پوليس نلڪا،کٽون ڀڃي تباھ ڪري ڇڏيون آھن. ھنن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪانه.ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته بخشاپور پوليس خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته هڪ مھينو اڳ تنگواڻي مان اغوا ٿيل ٻارڙي جنيد بکراڻي جي بازيابي لاءِ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس مختلف ھنڌن، ڳوٺن ڳوٺ شاھه دوست جکراڻي ۽ ٻين تي چڙھايون ڪيون آھن پر معصوم جنيد بکراڻي بازياب نه ٿي سگھيو.