ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ اقبال ميموريل لائيبريري ۾ سهولتون نه ملڻ خلاف شاگردن وزير ڏاهاڻي، اياز احمد سبزوئي، حيسب باجڪاڻي، برڪت بهلڪاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اقبال ميموريل لائبيريري ۾ نه پاڻي، نه بجلي نه ئي واش روم جي سهولت آهي، ان کان علاوه ڪتابن ۽ اخبارن جي به کوٽ آهي، اخبارن ۽ ٻي سامان جي مد ۾ بل وصول ڪيا وڃن پيا پر لائيبريري ۾ شاگردن کي ڪابه سهولت نه آهي، ڊي سي ڪشمور ۽ لائبريري انتظاميا کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود به ڌيان نه ڏنو وڃي پيو، ڊي سي اسان سان ملڻ به نه ٿو چاهي، شاگردن مطالبو ڪيو ته لائبريري جي انتطاميه کان پڇاڻو ڪري جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو.