ڪنڌڪوٽ: بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي پاران وڊيو بيان جاري، پوليس کي ڌمڪيون

0
162
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ڪنڌڪوٽ(ن پ ا) گذريل ڏينهن پوليس پاران بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي کي مقابلي ۾ زخمي ڪرڻ واري دعويٰ بعد بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي وڊيو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته مونکي زخمي ڪرڻ واريون پوليس جون دعوائن کي رد ڪيان ٿو، هن جو چوڻ آهي ته هاڻي پوليس سان سڌو ٿي وڙهبو ۽ هن کان منٿليون به وٺبيون، 12 پوليس اهلڪارن کي ماربو ۽ 12 انگ پورو ڪبو، بدنام ڏوهاري پوليس جي اعليٰ عملدارن گٿا لفظ ۽ ڌمڪيون ڏيندو رهيو، پوليس پاران گذريل ڏينهن بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي کي مقابلي ۾ زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.