ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا لڳ ڳوٺ جڙيو مهر رسولپور جو رهواسي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل نوجوان عبيدالله ڪانڌڙو پٽ حافظ محمد علي ڪانڌڙو ڪنڌڪوٽ ڪشمور واري علائقي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي. عبيدالله ڪانڌڙو چيو ته ڌاڙيلن عورتاڻي آواز تي هرکائي پنوعاقل ڀرسان سيپيڪ روڊ وٽ گهرائي اغوا ڪيو. هنن 20 ئي ڏينهن رسن سان ٻڌي هڪ کڏ ۾ لڪائي رکيو، جتي ڏينهن ۽ رات جي خبر نه پوندي هئي هو روزانو مون کان زمين ، کجي جي باغ ۽ ٻئي ملڪيت جو پچاڻو ڪري سخت تشدد ڪرڻ سان گڏو گڏ اڃ ۽ بک تي رکندا هئا. هن چيو ته ڌاڙيلن جو پاڻ ۾ به جهيڙو هلندڙ هو ۽ پوليس پهچي ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرايو آهي. هوڏانهن علائقي ۾ نوجوان جي وارثن پاران بازيابي عيوض ڌاڙيلن کي 5 لک روپيه ڀنگ ڏيڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن.