ڪنڊيارو (ن پ ا ) ڪنڊيارو شهر جي شهباز ڪالوني واسڻ عورت مسمات حنيفان زال راشد سولنگي ڪنڊيارو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته مون کي چار پٽن ۽ پنج نياڻين جو اولاد آهي، منهنجي ڌيءُ رخسار عرف رخسانه عمر اٽڪل 14 سال جيڪا مون سان گڏ گهر رهندي آهي، تاريخ 2 جون تي منهنجو پٽ فرزند علي ۽ ڀاڻج عمران علي ۽ منهنجي نياڻي رخسانه رات جي ماني کائي گهر ۾ ستل هئاسين ته رات جو دير سان چار جوابدار عجب گل ڪليري پنهنجي ساٿين قاسم، اقبال ڪليري ۽ هڪ نامعلوم سان گڏجي منهنجي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي نياڻي رخسار عرف رخسانه کي ڪار ۾ اغوا ڪري ويا آهن، هوڏانهن ڪنڊيارو پوليس آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آڻي سگهي هئي