ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ گندگي خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، حمزه علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ تي ٻهاري ڏئي انوکو اجتجاج  ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌو نواز جو چوڻ ھو ته سڄو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، پر انتظاميا ڪي به قدم نه پئي کڻي، اسان مجبور ٿي پنهنجي شهر جي صفائي پاڻ ڪرڻ نڪتا آهيون، هن چتاءُ ڏنو ته ٻن ڏينهن اندر شهر ۾ صفائي نه ڪرائي وئي ته انتظاميا خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.