قمبر: وڳڻ ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن مان چئن تي پ پ اميدوار چونڊيل آھن ۽ هڪ وارڊ تي بيلٽ پيپر ۾ چونڊ نشان غلط اچڻ سبب چونڊ نہ ٿي. هن ٽائون تي سردار خليل احمد وڳڻ چيئرمن جو اميدوار آھي سمورن وارڊن تي چونڊجي آيل اميدوار بہ ان جا تجويز ڪيل هئا. اڳ بہ ٽائون چيئرمن رهيو آھي جنهن ڪري سندس چيئرمن چونڊجڻ جا پڪا امڪان آھن. پارٽي سميت چانڊيا ۽ مگسي نوابن سان سٺا تعلق آھن، جڏھن تہ وائيس چيئرمن لاء علي اڪبر مغيري متوقع اميدوار ٻڌايو پيو وڃي.