ڪنڊيارو (ن پ ا) واپڊا ايڪسيئن نوشھروفيروز تاج محمد ماڪا بجلي چوري جي الزام ۾ ڪنڊيارو سٽي ٽو فيڊر جي ايل ايس ايوب اڄڻ، لائين مين زاهد مهيسر، زاهد گوپانگ ۽ ميٽر سپروائيزر زاهد ملاح کي فوري طور معطل ڪري نوشھروفيروز رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ايڪسيئن آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سيپڪو ملازمن کان چوري روڪرائڻ لاءِ حلف ورتو ويو هئو پر بجلي جي چوري رڪجي نه سگهي آھي، جنهن ڪري ملوث ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي، ياد رهي شھر جي سٽي ون ۽ سٽي ٽو فيڊرن تي ايم اين ٽي جي ٽيمن اوچتا ڇاپا هڻي ڪيترائي غير قانوني ڪنيڪشن پڪڙيا هئا.