ڪنڊيارو ويجهو هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو

0
195
ڪنڊيارو ويجهو هٿياربندن

ڪنڊيار(ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو  ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو، مقتول جي وارثن واقعي خلاف احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

 لاکا لنڪ روڊ  تي هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي غلام عباس لاشاري کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف وارثن قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏيو

پ پ ايم اين اي سيد ابرار علي شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين جون ڳالهيون ٻڌي پوليس کي فوري طور تي جوابدارن جي گرفتاري جو چيو، ابرار شاهه جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

حيدرآباد: قتل يا آپگهات؟ بي ڏوهي قرار ڏنل جوابدار ڪيس ۾ ٻيهر شامل