ڪنهن کي به سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

0
46
ڪنهن کي به سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس
ڪنهن کي به سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (م ڊ) ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي به سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي، آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي جهموري عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي

پاڪ فوج آئيني مينڊيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن پٽاندڙ ذميواريون انجام ڏيندي، آرمي چيف جي صدارت هيٺ 626هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد لاءِ فوج جي مقرري تي غور ڪيو ويو

آءِ ايس پي آر موجب فورم عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي پوري طاقت سان منهن ڏنو ويندو، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي مقدس آهي، ملڪي عزت ۽ عوامي خواهشن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو

آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ جاري دهشتگردي ۽ ڀارت جي پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪڌي مهم تي بريفنگ ڏني وئي، فورم اتفاق ڪيو ته ڀارت جو عالمي قانون جي ڀڃڪڙين ۽ ڀارت جو اصل چهرو دنيا سامهون وائکو ٿي چڪو آهي. فورم فلسطين ۾ فوري جنگبندي جي ضرورت ۽ فلسطين تڪرار جي پرامن حل جي فوري ضرورت کي تسليم ڪيو، ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حمايت جو عزم ورجايو ويو، آءِ ايس پي آر موجب فورم اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، مني لانڊرنگ، بجلي چوري خلاف قدمن، غيرقانوني ترسيل پرڏيهين، غيرقانوني سرگرمين ۽ ڏوهاري مافياز خلاف قدمن کي ساراهيو.