ڪنهن به ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي:اسپيڪر کي آگاهي

0
223

ڪنهن به ميمبر کي ووٽ

ڪراچي (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر وزيراعظم خلاف اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ واري معاملي تي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ قانون واري شعبي سان قانوني مامرن تي مشاورت ڪئي آهي

ذريعن موجب اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ قانون سازي واري شعبي سان مشاورت ڪئي جنهن ۾ اسپيڪر راءِ گهري ته ڇا باغي ميمبرن کي ووٽ وجهڻ کان روڪي سگهجي ٿو؟ ان تي اسپيڪر کي جواب مليو ته ڪنهن به ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، هي قانون واضح آهي

ذريعن موجب قانون واي شعبي اسپيڪر کي آگاهه ڪيو ته آئين جو آرٽيڪل 63 اي ون بلڪل واضح آهي، پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبر خلاف بعد ۾ ڪارروائي ٿي سگهي ٿي

ذريعن موجب اسپيڪر سوال ڪيو ته پارٽي قيادت جي طرفان شڪي ميمبرن جا نالا اچن ته ڇا ايڪشن ٿي سگهي ٿو، ان تي کيس ٻڌايو ويو ته پارٽي چيئرمين کان باضابطه ڊڪليئريشن کانپوءِ اسپيڪر جو ڪردار شروع ٿئي ٿو

اسپيڪر سوال ڪيو ته ڇا باغي ميمبرن بابت ووٽنگ کان اڳ رولنگ ڏئي سگهجي ٿي؟ ان تي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موقف اختيار ڪيو ته رول ڪال ڏيڻ اسپيڪر جو اختيار آهي پر ان تي آئين ۽ قانون واضح آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان پاڪستان جي ضرورت آھي، ق ليگ پنجاب جي ڪجھ ضلعن جي پارٽي آھي: اسد عمر