ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو ڳوٺ بابو اقبال آرائين ۾ 20 ڏينھن اڳ ڪھاڙيون ھڻي بي دردي سان قتل ڪيل نوجوان ناري مديحا ڌيءِ راجا سجاد جي قتل ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي سامھون آئي آھي، ڪنري پوليس ڪيس جي جاچ جي دوران ڪيس ۾ نامزد ۽ گرفتار عورت رضيا زال وڪيو ڪنڀار کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفيٰ ڪاڇليو ٻڌايو ته عورت رضيا ڪنڀار خلاف ڪوبه ٺوس ثبوت ناهي مليو ۽ عورت تي ڏوھ ۾ ملوث ھجڻ جو ڪو ثبوت ناهي مليو، جنھن سبب کيس آزاد ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن جوابدار ڌر پاران عدالت ۾ واريل اعتراضن بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص ڪيس جي جاچ مٺي ضلعي اماڻي ڇڏي، جنھن تي ايس ايس پي مٺي پاران ايس ايچ او مٺي محمد سومار راھمون کي ڪيس جو جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آھي. ياد رھي ته ڪيس ۾ نامزد عورت جو مڙس وڪيو ڪنڀار ۽ سندس پٽ بلاول ڪنڀار رمانڊ تي پوليس حوالي آھن، جن جو اڄ رمانڊ پورو ٿيندو.