سرحد (ن پ ا) جهانپور شريف جي رهواسي قاضي واهه ۾ ٻڏي ويل نينگر ذيشان ولد علي حسن مڱڻهار جو لاش 48 ڪلاڪ بعد ملي ويو آهي، گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، ۽ هر اک آلي هئي ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائينجي ويو آهي، هوڏانهن علائقي جو ڪو به چونڊيل نمائيندن مان ڪو به لڙي نه آيو.