ڪنري (ن پ ا) ڪنري شھر جي اڌ آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي، واٽر سپلاءِ فيز ٽو جو ٽرانسفارمر چئن ڏينھن کان سڙيل ھجڻ سبب شهر جي وڏي آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آھي، شهرين چونڊيل ڪائونسلرن جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر منصور باجوا، شيوانند سنڌي، منظور شاھ، غلام حسين درس، عثمان بلوچ، عمران ايف  ايم ۽ ٻين چيو ته پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي سبب شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،