ڪميشن خلاف فيصلي ۾ نقصان ڪنهن جو ٿيو؟

0
448

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اهڙو ادارو رهيو آهي جنهن تي ماضي ۾ به هر امتحان وٺڻ کانپوءِ آڱريون کڄنديون رهيون آهن، گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪو اهڙو امتحان نه آهي جنهن ۾ پبلڪ سروس ڪميشن مٿان سي پي داخل نه ٿي هجي.ڪڏهن ميرٽ جي لتاڙ جي سي پي ته وري ڪڏهن ڏوڪڙن خاطر نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي سي پي ته وري ڪڏهن من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جي سي پي مطلب ته اهو ڪم پبلڪ سروس ڪميشن لاءِ نئون نه آهي پر انهي سڄي وايومنڊل ۾ ڀوڳي صرف ۽ صرف سنڌ جو نوجوان ٿو ، مثال طور جيڪڏهن ڪوبه فيصلو ايس پي ايس سي خلاف به اچي ٿو ته يا انهن عملدارن خلاف به اچي ٿو ته ٽي يا چار ميمبرز برطرف ٿيندا يا چيئرمين پبلڪ سروس ڪميشن ھٽندو وري انهي جي جاءِ تي ڪو نئون ماڻھو چيئرمين بڻجي ويهي رهندو .اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ان عام ماڻھو جو ان مسڪين ماڻھو جي ٻار جو ته هن جيڪي سالن جا سال اوجاڳا ڪيا ننڊون ڦٽائي پڙهائي ڪئي چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيو انهي سڄو سال نوڪري ڪئي هاڻي اچانڪ ان کي گهرو ڀيڙو ڪرڻ خود به عدالت اڳيان هڪ اهم سوال ٿو پيدا ٿئي ته انهي جو جواب ڪير ڏيندو ڪنهن کي به ڪا خبر ڪونه آهي. هي معاملو ان ڳالھه تان شروع ٿيو ته ڪجھه وقت اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 1783 ميڊيڪل ڊاڪٽرز کڻڻ جو فيصلو ڪيو .انهي ۾ ڪجھه اميدوار اهڙا به هئا جن جي سليڪشن رڳو خالي انٽرويو ذريعي ڪئي وئي ۽ ڪجھه اھڙا به اميدوار ھئا جن جي سليڪشن Written exam ذريعي ڪئي وئي .ڪجھه ڊاڪٽرز انهي ۾ رهجي ويا ، جيڪي رهجي ويا هئا سي پي انهن جي داخل ٿيل هئي هي انهي تي فيصلو آيو آهي.هاڻي اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن پوسٽ به هڪجھڙي آهي اميدوار به ساڳي ئي ڊپارٽمينٽ جا آهن ته پوءِ ھڪڙن جي سليڪشن زباني امتحان ذريعي ته ٻين جي سليڪشن وري لکت واري امتحان ذريعي؟
انهي تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي عملدارن عدالت سڳوري کي ٻڌائيندي چيو ته انهي ريت سليڪشن ڪرڻ جي اجازت اسان کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 1989 ايڪٽ جا مختلف رولز ڏين ٿا تڏهن اسان ايئن ڪيون ٿا .اتي اسانکي ايس پي ايس سي اڳيان هي نقطو رکڻ گهرجي ته آئين پاڪستان جو آرٽيڪل 25 مونکي اجازت ڏئي رهيو آهي ته مونکي برابري جي بنياد تي حق ملندا ته پوءِ ان مان واضع ثابت ٿي رهيو آهي اڻ برابري ڪئي پئي وڃي انهي خلاف سخت ايڪشن جي ضرورت آهي.
حيدرآباد بينچ جي فيصلي ۾ جيترو ذميوار پبلڪ سروس ڪميشن چيئرمين ، سيڪريٽري توڙي ٻيا ممبرز آهن اوترو ئي ذميوار سنڌ حڪومت آهي .جڏهن سنڌ حڪومت کي اها خبر هئي ته پبلڪ سروس ڪميشن مٿان ايترو وڏو ڪيس هلي رهيو آهي ته نئون مڪينزم آڻيو ان کان علاوه ٽن مهينن تائين پبلڪ سروس ڪميشن ڪوبه انٽرويو يا ٽيسٽ نه وٺندي اهو سڀ معلوم هجڻ باوجود هنن چيئرمين صاحب کي ڪهڙي ڳالھه جي ڪري موڪل ڏني ته هو ملڪ کان ٻاهر وڃي ۽ جڏهن ته چيئرمين جي رٽائرمينٽ ۾ هڪ مهينو بچيو هو. ايس پي ايس سي ۽ سنڌ حڪومت جي هن ڪيس ۾ سنجيدگي ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿي.
جڏهن ته وفاقي حڪومت جي اداري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جا پيپر به هڪ ٻه دفعا ليڪ ٿي چڪا آهن ته انهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ انهي ايڪٽ کي ڪلعدم قرار ته ناهي ڏنو جيئن هن ڪيس ۾ فيصلو ڏنو ويو آهي .
هڪ سينئير وڪيل جي ڳالھه سان آئون متفق آھيان ته حيدرآباد سرڪٽ بينچ جي فيصلي ۾ ٿيو ايئن آهي ته پٽيشنر ۽ ايس پي ايس سي توڙي عدالت سڳوري وچ ۾ صرف قانوني جنگ ٿيندي رهي آهي . اصل ۾ ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته عدالت سڳوري هڪ انٽرم آرڊر ڪري ان مسئلي تي هڪ جوڊيشل انڪوائري ويهاري ها جيڪا مهينو يا پندرهن ڏينهن يا ايس پي ايس سي جي دفتر وڃي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ها، ان کانپوءِ ڪميشن رپورٽ ٺاهي عدالت سڳوري ۾ جمع ڪرائي ها تنهن کانپوءِ فيصلو ڏئي يا ايئن به ڪري پئي سگهي ته هي معاملو تمام وڏي نوعيت جو هو، حيدرآباد سرڪٽ بينچ پنهنجون سفارشون لکي اهو فيصلو پرنسپل بينچ ڏئي موڪلي ها ته ان تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ فل بينچ ويهاري پوءِ ڪو آرڊر ڪري سگهي پيو .
هن فيصلي ۾ قانوني طور تي تمام گهڻيون اوڻايون آهن ٻيو ته نيچرل لا جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه سي سي اي 2018ع جي شاگردن کي هن فيصلي ۾ پارٽي به نه بڻايو ويو هو جو انهن خلاف فيصلو ڏنو ويو آهي.هتي هڪ ٻي اهم ڳالھه اھا به آهي ته عدالت سڳوري کي اهو اختيار هرگز ناهي ته هو ڪنهن به ٺهيل قانون کي ڪلعدم قرار ڏئي ڇڏي عدالت سڳوري 99سيڪڙو انهي قانون کي انٽرپريٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي نه ڪي اڏائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 1989 ايڪٽ ڪلعدم ٿي ويو ته 1989 کان سنڌ حڪومت جون ڏنل نوڪرين تي به سوال اٿڻ گهرجن ان کان علاوه پرنسپل بينچ ڪراچي 2013 ريگيورلائز ايٽ ڪلعدم ڪيو پوءِ ته انهن ملازمن کي به ڪڍڻ گهرجي.اڻي انهي سڄي ماحول ۾ نقصان عام ماڻهو جو ٿو ٿئي جيڪو پنهنجي نوڪري تان هٿ ڌوئي ويهي ٿو. سنڌ ۾ اڳي ئي بيروزگاري سبب روز خودڪشيون پيون ٿين انهن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو براءِ مهرباني انهي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.پي ايم ايس ڊاڪٽرن کي اهو قانوني حق حاصل آهي ته هو انهي فيصلي خلاف Review Petition ۾ وڃن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ انهي فيصلي خلاف اپيل ڪن . سنڌ حڪومت به سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي پر منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته ڀلي سنڌ حڪومت درخواست جمع ڪرائي پر جيڪي پارٽيون فيصلي ۾ Aggrieved آهن انهن کي به ذاتي طور سپريم ڪورٽ ۾ هن فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائڻ گهرجي.