ڪشمير پريميئر ليگ: تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ جي اجازت

0
288

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪشمير پريميئر ليگ(ڪي پي ايل) ۾ مظفر آباد اسٽيڊيم ۾ تماشائين کي ميچ ڏسڻ جي اجازت ملي وئي آهي، اين سي اوسي جي اجازت کانپوءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو آهي. مظفر آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 10 هزار تماشائين جَي ويهڻ جي گنجائش آهي، 25 کان 30 سيڪڙو جَي حساب سان 3 هزار ماڻهو اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسي سگهندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيڊيم ۾ سماجي وٿي سان تماشائين کي ويهاريو ويندو. ياد رهي ته ڪي پي ايل جو آغاز 6 آگست کان ٿيندو، ايونٽ جو فائنل 17 آگسٽ تي شيڊول آهي، سموريون ميچز مظفر آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون، ڪشمير پريميئر ليگ جي 19 مان 12 ميچز ڊي اينڊ نائيٽ هونديون.