عائزا خان جي ماڌوري جي انداز ۾ ڊانس وڊيو وائرل

0
440

ڪراچي(شوبز نيوز)اداڪارا عائزا خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ باليووڊ جي ماڌوري ڊڪشٽ جي گاني تي ڊانس ڪري رهي آهي.عائزا خان پنهنجي نئين ڊرامي ”لاپتا“ ۾ هڪ ٽڪ ٽاڪر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ڪردار جي گهرج موجب ڊرامي ۾ باليووڊ ۽ لالي ووڊ جي ڪيترن ئي روپن ۾ نظر ايندي، جن ۾ ميڊم نورجهان، سري ديوي، ماڌوري ڊڪشٽ، ڪاجول ۽ ماهرا خان شامل آهن.عائزا خان اداڪارائن جي روپ ۾ پنهنجون جهلڪيون سوشل ميڊيا تي اڳواٽ ئي شيئر ڪري چڪي آهي، گذريل رات هن انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ باليووڊ جي ڊانسنگ ڪوئين ماڌوري ڊڪشٽ جي جڳ مشهور گاني ”آجا نچ لي“ تي ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي.مداحن عائزا خان جي ڊانس کي گهڻو پسند ڪيو آهي ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ان وڊيو کي 9 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.