ڪشمور: 44 قومپرست ڪارڪنن جو قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان

0
514

ڪشمور (ن پ ا) ڪشمور ۾ جسقم بشير خان قريشي گروپ سان تعلق رکندڙ گڊو، ڪشمور جي 44 ڄڻن جسقم ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ ڪشمور ۽ گڊو جي رھواسين غلام ياسين چاچڙ، جاويد اقبال، سورج ڪمار، مظھر حسين، محمد حسين، سعيد ستار مزاري ۽ جاويد کوسو سميت 44 ڄڻن جيئي سنڌ بشير خان قريشي گروپ کي ھميشه لاءِ الوداع چئي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳايا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو آهي ته اسان پاڪستان جا محب وطن شھري آهيون، ڪافي ٽائيم کان جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ھجڻ بعد اڄ ھميشه لاءِ الوداع چئي قومي ڌاري جو حصو ٿي پاڪستان لاءِ دل ۽ جان سان محبت جو جذبو رکندي جسقم ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي نوجوانن ھٿن ۾ پاڪستان جا جھنڊا کڻي پاڪستان زندهه آباد جا نعرا پڻ لڳايا.