حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مٽياري شهر جي سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ گرلز ڪاليج جي سپرنٽينڊنٽ اعجاز علي ميمڻ کي بدلي ڪري کيس ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اهڙو آرڊر ڊائريڪٽر ڪاليجز ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن پاران جاري ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ پروفيسرز اينڊ لڪيچرارز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن پروفيسر شير خان سيلرو، پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو، پروفيسر عطاءُ الله جمالي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڪاليج جو سپرنٽينڊنٽ ڪاليج جي پرنسيپل پروفيسر افشين پروين ۽ ٻين پروفيسرياڻين سميت شاگردياڻين کي پريشان ڪري رهيو هو. اهڙين شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ريجنل ڊائريڪٽر کيس اتان بدلي ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته شاگردياڻين ۽ پروفيسرياڻين کي هراسان ڪرڻ جا ثبوت موجود آهن، جيڪڏهن پروفيسرياڻين خلاف ڪو قدم کنيو ويو ته ان عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.