ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 عورتون فوت، نينگر سميت 2 ڄڻا زخمي. خبر موجب ملڪ لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ عثمان جکراڻي واسي موٽر سائيڪل سوار 2 عورتون مسمات ملوڪ زادي جکراڻي ۽ حسنا جکراڻي فوت ٿي ويون، جڏهن ته 10 سالن جو نينگر لعل بخش جکراڻي ۽ 22 سالن جو اياز جکراڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه سول اسپتال ڪشمور مان طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو، فوتي عورتن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جنهن جي پوليس ڳولا ڪري رهي آهي.