لاڙڪاڻو: مبينا اغوا ڄاڻايل فنڪارا نينا ماروي مڙس حوالي

0
560

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي عدالت مبينا اغوا ڄاڻايل فنڪارا نينا ماروي کي سندس مڙس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس فنڪارا نينا ماروي ۽ سندس مڙس علي رضا کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ناري جي بيان ٻڌڻ بعد کيس مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ ناري پنهنجي مڙس جي حق ۾ بيان ڏنو، نينا ماروي وڊيو بيان جاري ڪيو هو ته هُن علي رضا سان پسند جي شادي ڪئي آهي، هُن عدالت ۾ به مڙس جي حق ۾ بيان ڏنو.