ڪشمور جي اناج منڊي ڀرسان ٽرڪ ڊرائيور قتل، لاش اسپتال منتقل

0
148
ڪشمور جي اناج منڊي

ڪشمور (ن پ ا) ڪشمور جي اناج منڊي ڀرسان ٽرڪ ڊرائيور قتل ٿي ويو، ڪشمور جي اناج منڊي ڀرسان  جوابدار چاقو جا وار ڪري ٽرڪ  ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو آھي

ريتي تي مزدوري ڪندڙ جوابدار چاقو  جا وار ڪري ڀنگ واسي الاهي بخش  کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿي ويو

ٻئي پاسي ڪشمور ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جي مبينا اغوا خلاف احتجاج ڪيو ويو، ڪشمور ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جي  مبينا اغوا ۽ وڌندڙ بدامني  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مظاھرين موجب 3ورهين جي عڪاشه نائچ مهينو اڳ  سيوهڻ مان اغوا ٿي وئي، پوليس ڪا  ڪارروائي ناهي ڪئي، معصوم نينگر شيراز ملڪ جي اغوا کي  هفتو گذري ويو پر بازياب نه ٿيو، سندس  گهر ۾ ڪهرام متل آهي