حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سکر بئراج جا دروازا ٽٽڻ بعد لڙھي وڃڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن دروازن جي مرمت دوران مختص ڪيل فنڊ مال غنيمت سمجهي لٽايا جنهن ڪري دروازا ناقص مٽيريل جي استعمال سبب ٽٽي لڙهي ويا آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بئراجن جي صفائي، مرمت، بند مضبوط ڪرڻ، واھن توڙي شاخن جي کاٽي جي مد ۾ جاري ٿيل فنڊن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪري سنڌ جي دولت ٻاھرين ملڪن ڏانھن منتقل ڪئي وئي آھي جڏهن ته آبپاشي کاتو سنڌ کي ملندڙ پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ به سھولتڪار بڻيل آھي، هن چيو ته شاخن ۽ واھن جا بند مضبوط ناھن ڪيا ويا ۽ درياھ جي بندن جي به پچنگ نٿي ٿئي جنهن ڪري سکر بئراج سميت اڪثر واهن توڙي شاخن جون پليون ڪمزور ٿي ويون آھن. هن اهو به چيو ته سکر بئراج جي حالت کي ھٿ وٺي خطرناڪ ڪيو ويو آھي.