ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ تي آنگ سان سوچي کي 5 سال قيد جي سزا

0
192
آنگ سان سوچي کي 5 سال قيد
ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ تي آنگ سان سوچي کي 5 سال قيد جي سزا

ميانمار جي عدالت ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ تي آنگ سان سوچي کي 5 سال  قيد جي سزا ٻڌائي آهي

خابرو اداري موجب سوچي مٿان الزام هو ته هن 6 لک ڊالر رشوت ورتي، آنگ سان سوچي خلاف بدعنواني جا ٻيا به ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن

خابرو اداري جو چوڻ آهي ته آنگ سان سوچي خلاف ڪيسن ۾ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي شامل آهي، آنگ سا سوچي خلاف ڪيسن ۾ بدعنواني ۽ اليڪشن ۾ دوکو ڏيڻ به شامل آهي

رپورٽ موجب سمورا الزام ثابت ٿيڻ تي سوچي کي مجموعي طور تي 100 سال کان وڌيڪ قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي

واضح رهي ته گذريل سال فيبروري ۾ حڪومت جي برطرفي بعد آنگ سان سوچي فوجي حراست ۾ آهي، آنگ سان سوچي کي ڪورونا وائرس بابت قانون جي ڀڃڪڙي تي عدالت 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي