اسان کي ڪهڙي خبر ته فرح گوگي ڪير آهي: صحافي جي سوال تي فواد چوڌري جو جواب

0
236
فواد چوڌري جو جواب
اسان کي ڪهڙي خبر ته فرح گوگي ڪير آهي: صحافي جي سوال تي فواد چوڌري جو جواب

اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي دوست فرح خان عرف فرح گوگي کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران هڪ صحافي سوال ڪيو ته عمران خان به جواب نه ڏنو، پي ٽي آءِ ڇو فرح خان مامري تان فرار ٿي رهي آهي

فواد چوڌري جواب ڏنو ته اسان کي ڪهڙي خبر ته فرح گوگي ڪير آهي، حڪومت کان وڃي سوال ڪيو، جيڪڏهن مريم نواز وٽ ثبوت آهن ته فرح گوگي تي ڪيس ڪري