ڪرمپور (ن پ ا) ڳوٺ سعيد بجاراڻي ۾ عبدالخالق سولنگي جي ڪڻڪ جي ديري کي باھ لڳڻ سبب سوين مڻ ڪڻڪ سڙي وئي، فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ سبب ڪڻڪ جو ديرو سڙي رک ٿي ويو. متاثر ڳوٺاڻي ٻڌايو ته ڪڻڪ جي ديري کي باھ لڳي، باھ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو. هن ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي کي اپيل ڪئي آهي ته مالي مدد ڪئي وڃي.