ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان هفتو اڳ اغوا ٿيل ٻن ڄڻن کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ان ڏس ۾ کرڙو شاخ تان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل پورهيت ڪيول باگڙي ۽ ٽرڪ ڊرائيور موسي’ جان پٺاڻ جي بازيابي لاءِ ٺل پوليس پاران ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن ٽن ڏينهن کان بند آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس آپريشن بدران راڄوڻي ذريعي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو طريقو اختيار ڪيو آهي، ذريعن موجب پوليس علائقي جي چڱن مڙسن معرفت ڏوهارين سان ڊيل ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت پوليس ڏوهارين جا گرفتار ٿيل 7 روپوش جوابدار آزاد ڪندي ۽ جوابدارن جو چوپايو مال واپس ڪيو ويندو، جڏهن ته ڌاڙيل ڄاڻايل ٻنهي مغوين کي آزاد ڪندا. ذريعن موجب ڏوهارين پاران جونگل چوڪي تي مقرر اي ايس آءِ علي گل چولياڻي، پوليس اهلڪار صديق بنگلاڻي ۽ ٻين اهلڪارن جي بدلي جو به مطالبو ڪيو ويو آهي، جيڪو ايس ايس پي پاران تسليم ڪيو ويو آهي. پنهنجي اخبار کي ذريعن وٽان مليل معلومات موجب ايس ايس پي جيڪب آباد ملڪ شمائل رياض بنگلاڻي برادري جي چڱن مڙسن سان رابطو ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ مدد پڻ گهري، جنهن کانپوءِ چڱن مڙسن جي ٽياڪڙي تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڊيل ڪامياب ٿي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٿيل ڊيل تي ٻن ڏينهن ۾ عمل ڪيو ويندو ۽ ٻنهي مغوين جي آزادي پڻ متوقع آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد پاران ڏوهارين سان ڪيل ڊيل واري عمل تي علائقي واسين پاران حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.