لاڙڪاڻو: پستول سان کيڏندي مبينا فائر ٿيڻ سبب نينگر مارجي ويو

0
282

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پستول سان کيڏندي مبينا فائر ٿيڻ سبب نينگر مارجي ويو، ممتاز ڪالوني ۾ 10ورهين جو عرفان لهر پسٽل سان کيڏندي فائر ٿيڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن فوري طور تي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته عرفان پسٽل سان کيڏي رهيو هو ته اوچتو گولي ڇٽي وئي.