ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ مصري لاشاري ۾ هٿياربندن ڳوٺاڻي کان ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڊرائيور وزير لاشاري پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن کيس بٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي آواز تي ڳوٺاڻا هٿيار کڻي پهتا، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. واقعي بعد ڳوٺاڻي اسلم لاشاري الزام هڻندي چيو ته ڏوهاري حسن عرف حسو بنگلاڻي حملو ڪري ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته ڏوهاري 10 لک ڀتو گهريو آهي، جيڪو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪارروايون پيو ڪري.