ڪراچي  ۾ ٽريفڪ جو مسئلو آهي، مراد علي شاهه جي شهباز شريف کي بريفنگ

0
209
ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو مسئلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز سريف کي ڪراچي سرڪلر ريلوي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو مسئلو آهي ۽ بي آر ٽي سروس جي ڪاميابي ڪي سي آر تي منحصر آهي

ترجمان موجب مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ڪي سي آر پروجيڪٽ 201 ارب روپيا لاڳت سان پي پي موڊ تي منظور ڪيو آهي

ترجمان موجب مراد علي شاهه شهباز شريف کي ڪي سي آر کي سي پيڪ تحت تعمير ڪرڻ درخواست ڪندي چيو آهي ته توهان سي پيڪ کي تيز ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، ان جي ڪري ڪي سر آر سووڌو سنڌ جا منصوبا سي پيڪ ۾ شامل ڪيا وڃن

ترجمان موجب شهباز شريف مراد علي شاهه کي خاطري ڪرائي آهي ته ڪي سر آر کي سي پيڪ کڻي وڃي ٺاهينداسين

ھي به پڙھندا

شهباز شريف پنهنجي پهرين هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو