ڪراچي ۾ يارهين جماعت جي امتحانن جي تڪراري نتيجن خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو

0
56
ڪراچي ۾ يارهين جماعت جي امتحانن جي تڪراري نتيجن خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو
ڪراچي ۾ يارهين جماعت جي امتحانن جي تڪراري نتيجن خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو

ڪراچي ۾ يارهين جماعت جي امتحانن جي تڪراري نتيجن خلاف جماعت اسلامي جو انٽربورڊ جي عمارت آڏو ڌرڻو

جماعت اسلامي  ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي سربراهيءَ ۾ لڳايل ڌرڻي ۾ شاگردن ۽ سندن والدين شرڪت ڪئي

 حافظ نعيم الرحمان چيو ته ميٽرڪ ۾ 90 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ شاگردن کي انٽر ۾ 40 مارڪون ڏنيون ويون آهن، ڪنهن کي به ڪراچي جي شاگردن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين

هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ واري معاملي ۾ به شاگردن کي انصاف نه مليو، چئن ڏينهن اندر شاگردن کي انصاف نه مليو ته سي ايم هائوس وينداسين

انٽر بورڊ ڪراچي جي نتيجن موجب هيل فرسٽ ييئر جو امتحان ڏيندڙ 44 هزار کان وڌيڪ شاگرد فيل ٿيا، فرسٽ ييئر جي سمورن گروپن ۾ فيل ٿيندڙ شاگردن جي شرح 64 سيڪڙو آهي