ڪراچي ۾ نادرا عملدران جِي ملي ڀڳت سان وڌيڪ 10 ايرانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ٿيڻ جو انڪشاف

0
394
ايرانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري
ڪراچي ۾ نادرا عملدران جِي ملي ڀڳت سان وڌيڪ 10 ايرانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) نادرا آفيسرن طرفان پرڏيھين کي غيرقانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ واري معاملي جي انڪوائري ھلڻ باوجود غيرقانوني شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو عمل بند نه ٿيو، وڌيڪ 10 ايرانين کي شناختي ڪارڊ ٺاھي  ڏيڻ جو انڪشاف،

ايف آءِ اي جا ڇاپا، 10 ايراني گرفتار، يونين ڪائونسلن جي آفيسرن سميت نادرا جي اعليٰ عملدارن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ايف آءِ اي ۾ غيرقانوني طور پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري اسڪينڊل جون مختلف انڪوائريون هلي رهيو آهن،

ايف آءِ اي طرفان نادرا نادرا جي ڪيترن ئي آفيسرن سميت ايجنٽن کي به گرفتار ڪيو ويو پر ان باوجود پرڏيهين کي غيرقانوني طور شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، تازو 10 ايرانين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا.

ڳجهي اطلاع تي ايف آءِ اي جي ٽن خاص ٽيمن شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي شناختي ڪارڊ حاصل ڪندڙ 10 ايرانين کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي اختيارين موجب ايرانين تازو ئي پاڪستاني ۽ ايراني ايجنٽن جي مدد سان جعلي دستاويز ٺھرايا، ايراني جعلي دستاويز ٺھرائي قطر وڃڻ جي تياري ڪري رھيا ھئا ته کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي اختيارين موجب آفيسرن خلاف انڪوائري ھلڻ باوجود غيرقانوني شناختي ڪارڊ جاري ٿيڻ وارو عمل بندنه ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي، گرفتار ايرانين کان پڇاڳاڇا جاري آهي، جاچ ۾ يونين ڪائونسلن جي آفيسرن کان ويندي نادرا جي اعلي آفيسرن کي به شامل ڪيو ويندو