ڪراچي ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي ۽ لُڪ دوران بجلي جي بندش شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو

0
343

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي ۽ لُڪ دوران بجلي جي بندش شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، ملير، قائد آباد، گرين سٽي، ماروي ڳوٺ، احسن آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب، ڪورنگي، پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ، خيابانِ بخاري ۽ ٻين علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، شهرين جو چوڻ آهي ته فالٽ لائين سوڌو مختلف بهانن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، لوڊشيڊنگ کان آجن علائقن ۾ به بجلي جي اکٻوٽ جاري آهي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا شهرين جي شڪايتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.