ڪراچي ۾ عورت سان ڇيڙڇاڙ ڪندڙ جوابدار کي 6 مهينا ٽيپ

0
172
مزدورن تي تشدد واقعي جو ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل
مزدورن تي تشدد واقعي جو ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت عورت سان ڇيڙڇاڙ ۽ اعتراض جوڳيون تصويرون ڪڍڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي 6 مهينا ٽيپ ڏئي ڇڏي

عدالت جوابدار شاهه رُخ کي 6 مهينا قيد سان گڏ 20 هزار رُپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا ملندي ئي جوابدار طرفان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کيس عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار هڪ گهر ۾ داخل ٿي عورت سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، عورت جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري تصويرون به ڪڍيون هيون، سزا ملڻ بعد جوابدار جيل منتقل ڪيو ويو آهي