اسان ملڪ هلائي ڏيکارينداسين، سنڌ ۾ ايڏي صلاحيت آهي جو پاڪستان کي هلائي ٿو: آصف زرداري

0
420

سڪرنڊ(ن پ ا) پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هنن کان ملڪ نٿو هلي ته خير آهي، اسان ملڪ هلائي ڏيکارينداسين سنڌ ۾ ايڏي صلاحيت آهي جو پاڪستان کي سنڌ صوبو هلائي ٿو

سڪرنڊ جي دوري دوران ورڪرز کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو آهي ته سنڌ گئس ۽ ڪوئلي سوڌو ٻين انيڪ وسيلن سان مالا مال آهي، صوبي کي مالي طور مضبوط ڪنداسين ۽ هن دفعي ماسٽر پلان ذريعي صوبي ۾ ترقي آڻينداسين

آصف زرداري سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مھر جمالي ۾ مرحوم امان الله جمالي جي وفات تي سندس ڀاءُ راضي خان جمالي ۽ ٻين سان  عذرخواهي ڪئي

 اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان ويجهي ساٿي غلام قادر مري سان ملاقات لاءِ دريا خان مري پهچڻ جا به امڪان آهن

ھي به پڙھندا

هُنن کي چئي ڇڏيو ته پهريان هِن جي ڇُٽي ڪرايو پوءِ اسان سان ڳالهايو: آصف زرداري