ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شهري ساڍا 4 لک ڦر ڪري فرار ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ ڪري ڏني، هڪ هٿاربند مارجي ويو، ساٿي فرار، درخشان ٿاڻي جي حد ۾ خيابان سحر ۾ شهري ناصر فاروق بينڪ مان ساڍا 4 لک ڪڍرائي ڪار ۾ ويٺو ته هٿياربند پهچي ويا، انهن هٿيارن جي زور تي کانئس ساڍا 4 لک ڦر ڪيا، انهي دوران شهري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، سندس ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ 40 ورهين جي زاهد حسين پٽ سوڀو طور ٿي.