ڪراچي/ تنگواڻي (اسٽاف رپورٽر/ ن پ ا) ڪراچي جي ڊفينس فيز 2 واري علائقي مان تنگواڻي جي ڳوٺ عبدالطيف جروار واسي پورهيت دوست محمّد کوسو  جو لاش هٿ آيو آهي،  سندس ڀاءُ علي محمّد کوسو جي فرياد تي 5 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، ايس ايچ او ڊفينس اشرف جوڳي موجب شڪ جي بنياد تي چوڪيدار شير گل پٺاڻ کي  گرفتار ڪري ورتو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مبينا قتل ٿيل پورهيت دوست محمّد جي ڀاءُ هادي بخش کوسو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول پورهيت ڀاءُ ڪراچي ۾ بلڊنگ جي مرمت ۾ مزدوري ڪندو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ ڀيڻويي غلام الرسول سان رابطي ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته هُن جي ڪم دوران ڪنهن سان منهن ماري ٿي ۽ بعد ۾ بلڊر پاران  سرچاءُ به ڪرايو ويو، وارثن موجب پورهيت ٻي ڌر جي نالي ٻڌائڻ بنا بس ٺهراءُ ٿي ويو جو چيو، پورهيت جي جسم تي تشدد ٿيل آهي جاچ ۾ ٺيڪيدار ۽ بلڊرز کي شامل ڪيو وڃي، هنن اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته پورهيت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ظاهر ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن مقتول پورهيت جو لاش جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽرم بعد سندس ڀاءُ ابوبڪر کوسو جي حوالي ڪيوويو.