سوال/سروي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿين يا نه؟ فائدو ٿيندو يا نقصان؟ عوام حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون

0
270
سوال/سروي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿين يا نه؟ فائدو ٿيندو يا نقصان؟ عوام حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ مڪاني چونڊون پراڻي قانون تحت ڪرائڻ جو اعلان ڪندي ڄاڻايو آهي ته پهرين ڊسمبر کان 23 فيبروري تائين تڪبنديون ٿينديون جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران نئون بلدياتي قانون ٺاهڻ جون تياريون جاري آهن، اليڪشن ڪميشن جي اعلان ۽ سنڌ سرڪار جي ڪردار کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بلدياتي چونڊون ٿيڻ گهرجن، ڪجهه ماڻهن چيو ته انهي چونڊن جو عوام کي فائدو ناهي،

ڪجهه ماڻهن جي اها راءِ هئي ته مڪاني چونڊون ووٽنگ مشين ذريعي ڪرايون وڃن، اهو به چيو ويو ته اهڙيون چونڊون ئي نه ٿيڻ گهرجن، اسان سان گڏ پ پ جي هارائڻ جي اڳڪٿي به ڪئي وئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اسان ته چئون ٿا بلدياتي نظام کي ئي ختم ڪيو وڃي، ڪھڙو عوام فائدو کنيو آھي ھن نظام مان، ھروڀرو اليڪشن ڪرائي عوام جو پيسو زيان نه ڪجي ته بھترآھي ھنن جي اھا ئي ڪارڪردگي آھي ته صابڻ جي 20 رپين واري ٽڪي ڏئي ڏھن ڄڻن جا فوٽو ڪڍن ٿا ھڪ گٽر جو ڍڪ لڳائڻ مهل پنجاهه ڄڻا ايئن دعا گهرندا آهن ڄڻ هنن ملڪ فتح ڪيو هجي،

وزير علي پنهور لکيو ته ھاڻي اچي ويا نه گس تي، چونڊون شفاف ھئڻ کپن ووٽ چوري جا عادي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان گهٻرائي رهيا آهن، عبدالستار بلوچ لکيو ته باقي ڌانڌلي پي پي جو پراڻو دستور آھي، جاويد زرداري لکيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي سخت ضرورت آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته پوءِ ته اهو روئڻ پٽڻ برقرار رهندو ته اختيار ناهن، پوءِ اهي ڪو ڪم نه ڪندا، سنڌ جي بهتري لاءِ لوڪل گورنمينٽ ۽ صوبائي حڪومت پاران هڪٻئي تي الزام لڳايا ويندا، بهتر آهي ته اليڪشن ئي نه ڪن، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته مڪاني چونڊون به نئين ۽ جديد الڪٽرانڪ مشين ذريعي ڪرائي وڃي ته بهتر ٿيندو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته سنڌ سرڪار جو ڪردار صرف مفاد وارو آهي، نياز ڪلوئي لکيو ته اليڪشن ٿيندي پ پ ئي کٽيندي ڇو جو مقابلي ۾ ڪو به ڪردار ظاھر نه آهي باقي رھي ڳالهه ووٽنگ مشين سو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي سڄي راند اسان کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ آهي، سڀ گڏ آهن،

ارشاد علي لکيو ته مان سمجهان ٿو ته جيڪو مشرف دور ۾ بلدياتي نظام هو اهو ٺيڪ هو ۽ عوام دوست هو هاڻي انهي نظام ۾ اڃا به بهتري آڻي بهترين بلدياتي نظام آڻڻ گهرجي ته جيئن عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن. اصل ڳالهه نيڪ نيتي جي آهي. باقي مونکي نٿو لڳي ته بلدياتي اليڪشن اليڪٽرانڪ مشين جي ذريعي ٿيندي، ڇو ته ٽائيم گهٽ آهي ۽ اليڪٽرانڪ مشين آڻڻ ۾ اڃا ڪيتريون ئي پيچيدگيون آهن ان جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ڪافي وقت گهربل آهي. مبين اڄڻ لکيو ته ھن دفعي مڪاني چونڊن ۾ پ پ پ کي تمام سخت ٽف ٽائيم ملندو مخالف پارٽيءَ کان نه پر عوام کان ڏسجو ھن دفعي پ پ جا اميدوار ھارائيندا،

مسرور شر لکيو ته ھاڻ اچي ويا پير تي اھو صحيح ڪيو اٿن، خاموش خليل شر لکيو ته بلدياتي چونڊون به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڪرايون وڃن، بهترين عمل رهندو باقي ڌانڌلي جنهن جي ڏاج ۾ هجي ته ان کي ڇا چئجي؟ اصل ۾ صاف شفاف چونڊون اليڪٽرانڪ مشين ذريعي رهنديون، شنڪر باغي لکيو ته مڪاني چونڊن جي شروعات نئين الڪٽرڪ ووٽنگ مشين سان ٿيڻ گهرجي ،باقي هن دفعي پهرين ڌانڌلي ڪندڙ آر اوز جي خلاف سخت ڪاروائي جو عدالتن پاران حڪمنامو جاري ڪرڻ کپي، سموري سنڌ ۾ مٺي سٽي کانسواءِ جيالن جيڪو بلدياتي ادارن جي ڀينگ ڪئي سو سڀني جي سامهون آھي، سنڌ ۾ ترقي ڏسڻي آھي ته مٺي ڏسو،

بشير ميراڻي لکيو ته انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين، سنڌ حڪومت عوام کي پڳون ٻڌرائي ڇڏيون آهن، ان سان گڏ وفاقي حڪومت. باقي مڪاني نظام اڳ ۾ ڪهڙو پئرس بڻائي ڇڏيو هو وري به ساڳيو حال هوندو، منظور زرداري لکيو ته بلدياتي چونڊن مان عوام کي ڪو به رليف نٿو ملي سڀ پنھنجا ڀڀ ڀريندا آھن، اسد انڍڙ لکيو ته ڇا ٿيندو بلدياتي نظام سان؟ آصف علي راڄپر لکيو ته اليڪشن ڪميشن ته ڀلي چاهي پر سنڌ حڪومت نه چاهيندي ته بلدياتي اليڪشن ٿئي، راشد الطاف لکيو ته اليڪشن ڪميشن هر مسئلي هر ڳالھه کي سمجهي ٿي اڳتي هلي ڪهڙا اشو ٿيندا ان ڪري اليڪشن ڪميشن نٿي چاهي ته ساڳيا مسئلا وري پيدا ٿين. ممتاز علي لاکو لکيو ته چوندون ووٽنگ مشين زريعي ڪرايون ته سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي ٿيندي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته بلدياتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڪرايون وڃن بھترين عمل رھندو.