ڪراچي: ڪامورن جو بحران، وڌيڪ 6 پوسٽون قائم ڪرڻ جو فيصلو

0
454

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار 19هين ۽ 20 هين گريڊ جي ڪامورن جو بحران هجڻ باوجود 6 وڌيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن حوالي سان وڏي وزير اضافي پوسٽن جي منظوري به ڏئي ڇڏي، ان سلسلي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ريجنل اٿارٽين ۾ ٽوڙڻ واري ڪابينا جي منظوري بعد ايس بي سي اي ۾ 6 اضافي پوسٽون قائم ڪيون وينديون، ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ حيدرآباد بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ 2 ڊي جي 20 هين گريڊ جا مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته ميرپوخاص، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ ريجنل بلڊنگ ڪنٽرول اٿاٽي ۾ 19هين گريڊ جا 4 ڪامورا مقرر ڪيا ويندا، ذريعن موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي هاڻوڪي ڊي جي شمس الدين سومرو جي تجويزن بعد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ٽوڙي ڊويزنل سطح تي ڍانچو تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ عمارتن جا سوين فائيل رڪيل هجڻ سميت ڪيترائي معاملا سالن کان رولڙي ۾ هجڻ باوجود ڊويزنل سطح تي اسٽرڪچر ٺاهڻ جي ڪابينا پاران منظوري ڏني وئي آهي.