جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ وزيراعظم تي الزام: سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

0
672

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) وزيراعظم طرفان پنهنجي آفيس ۾ جسٽس قاضي فائز خلاف سازش ڪرڻ سنگين مامرو آهي، وزيراعظم مستقبل ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيندڙ قاضي فائز عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو، اسان هن معاملي کي ائين وڃڻ نه ڏينداسين، نواز ليگ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي وزيراعظم بابت بيان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، معاملي تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو به مطالبو ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ مريم نواز ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ حق ۽ انصاف تي هلندڙ جج کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، سندس گهرواري سوڌو ڪٽنب کي عدالتن ۾ گهليو ويو، اها روايت ختم ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم خلاف بشير ميمڻ جي شاهدي آئي آهي، اڃا وڌيڪ شاهديون اينديون، وزيراعظم هائوس ۾ سپريم ڪورٽ جي موجوده جج خلاف سازش ڪئي وئي، عدليه معاملي جو نوٽيس وٺي، اهڙي قسم جي ماڻهن تي سدائين لاءِ پابندي لڳائڻ گهرجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرواري رياستي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، جيڪڏهن جج بهادري سان نه وڙهي ها ته سندس ڪٿي به ذڪر نه ٿي هئا، مريم ناوز وڌيڪ چيو تھپيپلز پارٽي استعيفيٰ ۾ شامل ٿئي ها ته هينئر تائين حڪومت هلي وڃي ها، نواز ليگ سوڌو ڀلي ٻيون پارٽيز استعيفيٰ ڏين، پ پ جي استيعفيٰ کانسواءِ نتيجا نه ملندا، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام کي سمجهه ۾ اچي ويو ته سسيلين مافيا ڪري آهي، عمران خان ادارن جي سربراهن کي آفيس ۾ گهرائي چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪريو، تاريخ ۾ ڪڏهن به موجوده وزيراعظم پنهنجي آفيس اندر اهڙو مڪروهه عمل ناهي ڪيو، قابليت مڃائڻ لاءِ 3 سال ڪافي هوندا آهن، حڪمران پنهنجي قابليت مڃائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، هاڻي عوام جي حڪومت مان جان آِجي ٿئي ته بهتر آهي، ملڪ ۾ هڪ جهڙو احتساب خواب ئي رهندو، پيپلز پارٽي هجي يا ڪي ٻي جماعت، نواز ليگ عوام جي ڪيس تي سوديبازي نه ڪندي.