ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ورسٽي ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي گيٽ وٽ چيني استادن جي وين تي عورت آپگهاتي بمبار جو خودڪش حملو، ٽن چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي، ڌماڪي سبب انساني عضون جا ٽڪرا ديوارن سان وڃي لڳا، لاش به مڪمل طور سڙي ويا، ڀرپاسي جي عمارتن  جا شيشا ٽٽي پيا، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هراس پکڙجي ويو، پوليس سهولتڪارن جا پيرا کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڪالهه منجهند جو 2 لڳي 7 منٽن تي عورت خودڪش بمبار شاري عرف برمش بلوچ  چيني استادن جي گاڏي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ وٽ پهچڻ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي سبب هاءِ ايس وين کي باهه لڳي وئي، وين پويان هلندڙ رينجرز اهلڪارن جي موٽرسائيڪل کي به باهه لڳي وئي، ڌماڪي سبب ڪامرس ڊپارٽمينٽ جا شيشا به ٽٽي پيا، جڏهن ته انساني عضون جا ٽڪرا ديوارن ۽ ٿنڀن سان وڃي لڳا، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جنهن سبب  شاگردن ۾ خوف پيدا ٿي ويو، اطلاع ملندي ئي رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي کي گھيري ۾ آندو، واردات  واري هنڌ کي سيل ڪيو ويو،امدادي سرگرميون شروع ڪري 4 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ، فائربرگيڊ گاڏي باهه تي ضابطو آندو، جنهن بعد گاڏي مان 4 لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا. يونيورسٽي ترجمان موجب مارجي ويلن ۾ 3 چيني استاد ڊائريڪٽر هوانگ گيو پنگ، ليڊي ٽيچر ڊن ميوپينگ ۽  چن سائي سندن پاڪستاني ڊرائيور خالد شامل آهن، جڏهن ته هڪ چيني وانگ اوڪنگ ۽ گارڊ حامد زخمي ٿي پيا. جاچ ٽيمن جاءِ واردات تان آپگهاتي بمبار جا عضوا ۽ برقعي جا ٽڪرا پڻ هٿ ڪيا، پوليس موجب برقعي جي ٽڪرن کي فارنزڪ ٽيسٽ  لاءِ ليبارٽري موڪليو ويندو ٻئي طرف ايس ايس پي اوڀر عبدالرحيم شيرازي موجب گاڏي پويان موٽرسائيڪل تي ايندڙ رينجرز اهلڪار به زخمي ٿيا آهن، جن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي. بي ڊي ايس ۽ سي ٽي ڊي ٽيمن شاهديون گڏ ڪيون، هوڏانهن ايس ايس پي اوڀر عبدالرحيم شيرازي، ڊي آءِ جي اوڀر مقدس حيدر ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ۽ رينجرز آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر اقبال ميمڻ، ڊي سي اوڀر ۽ ٻيا به واقعي واري هنڌ پهتا. ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته بدقسمتي سان چيني استادن کي نشانو بڻايو ويو آهي، يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ٿيل هئا، جيڪڏهن ڪا گهٽتائي  هوندي ته انهي  جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي طرف ڪراچي ورسٽي جي انتظاميا واضح ڪيو آهي ته آپگهاتي بمبار  مادر علمي جي شاگردياڻي نه هئي، شازي بلوچ نالي شاگردياڻي فزڪس شعبي جي شاگردياڻي هئي، جيڪا پاس ڪري چڪي آهي، ٻئي طرف  سنڌ سرڪار مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي جاچ ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻئي طرف واقعي جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ هيٺ داخل ڪيو ويندو، ٻئي طرف پوليس موجب بمبار عورت رڪشا ۾ لفٽ وٺي   مادرعلمي پهتي، سندس  سهولت ڪار 2 عورتن جي ڳولا ڪريون پيا