ڪراچي: ليبرکاتي ورڪر ويلفيئر بورڊ جي آفيسرن جي گريڊ ۽ عھدي تي ترقي

0
263
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي(ن پ ا) ليبرکاتي ورڪر ويلفيئر بورڊ جي 17 ھين گريڊ جي 15 ۽ 18 ھين گريڊ جي 4 آفيسرن کي اڳئين گريڊ ۽ عھدي تي ترقي ڏني وئي آھي، جنهن حوالي سان ليبرکاتي جي سيڪريٽري طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. 18 ھين گريڊ ۾ پٽي ڊائريڪٽر طور ترقي ماڻيندڙن ۾ فھيم صديقي، زاھد ھڪڙو، احمد علي ڌاريجو، افضل اقبال ميمڻ، فيصل شمس، اسدالله خان، امجد علي، ذوالفقار ٽالپر، بشير چاچڙ ۽ اصغر علي شاھ شامل، باسط بلو ۽ عبدالماجد شيخ به ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي ويا، بشير چاچڙ کي 18 ھين گريڊ ۾ ايڊمن آفيسر طور ترقي ڏني وئي، اسسٽنٽ سيڪريٽري رفيق چنا، سيف الله بلو ۽ آمنه منظور کي ڊپٽي سيڪريٽري طور ترقي ڏني وئي آهي، 19 ھين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي ماڻيندڙن ۾ سيد مظفر علي شاھ، خالد کوکر، احتشام ۽ نزھت حبيب به شامل.