ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر جي عدالت مهراڻ ٽائون جي ٽرالي بيگز فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 17 پورهيتن جي سڙي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر کي 23 سيپٽمبر تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران پوليس فيڪٽري جي سپروائيزر ظفر ۽ ريحان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس عدالت کي ٻڌايو ته ظفر اھم جوابدار ۽ اکين ڏٺو شاھد آھي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي سٽي ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فوتي پورھيتن جا وارث پاڻ ۾ وڙھي پيا، متاثرن سپروائيزر ظفر تي واقعي ۾ ملوث ھجڻ جو الزام پڻ هنيو، فيڪٽري جي ملازم ذاڪر انڪشاف ڪندي چيو ته فيڪٽري مالڪ فيڪٽري کي باھ لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي، سيٺ چيو ھو ته صحيح ڪم ڪريو نه ته فيڪٽري کي باھ ڏئي لنڊن ھليو ويندس، ان ڳالھه جا سڀ شاھد آھن ياد رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ فيڪٽري جو مالڪ علي حسن ميٺا ۽ عمارت جو مالڪ فيصل طارق جيل ۾ آهن.