ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شيرشاهه پل ڪرڻ واري واقعي بابت ايف آءِ اي طرفان 15 سالن بعد داخل ڪيل ٻي ايف آءِ آر کي  جوابدار ڌر چيلنج ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾  6 آگسٽ  2007 ع تي شيرشاهه  پل جو 500 فوٽن جو هڪ حصو ڊهي پٽ پئجي ويو هو، جنهن سبب  6 شهري فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل پاران 15 سالن بعد حادثي جي ٻي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ نامزد ڪيل جوابدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ آر کي چيلنج ڪندي چيو ته هڪ واقعي جون 2 ايف آءِ آرون داخل  ٿي نه ٿيون سگھن، عدالت ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڌرين کان 6 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته پل تعمير ڪرڻ جو 34ڪروڙن جو ٺيڪو اي سي آٰءِ ايل ڪمپني وٽ هو،