ڪراچي: سپريم ڪورٽ ۾ به ڪارونجهر جبلن جي ڪٽائي جي گونج

0
264
ڪراچي: سپريم ڪورٽ ۾

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ به ڪارونجهر جبلن جي ڪٽائي وارو گونجندو رهيو، درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته ڪارونجھر جبل ڪاٽيو پيو وڃي، ڪارونجهر نگر پارڪر ۾ قدرتي خوبصورتي آهي

درخواستگذار چيو ته ڪارونجهر جبل تي ناياب پٿر ڪاٽيا پيا وڃن، اهڙي طرح ننگر پارڪر جي خوبصورتي تباهه ٿي رهي آهي

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪارونجهر ڪير ڪاٽي رهيو آهي، ؟ درخواست ڪندڙچيو ته کاڌن ۽ معدنيات جو کاتو ڪاٽي رهيو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪارونجهر جبل تي سڄو پاڪستان ويندو آهي