ڪراچي: خوفناڪ باهه سبب فوتين جو انگ 5 ٿي ويو

0
170
فريدآباد باھه واقعو: ڊي سي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ جهُڳين کي خوفناڪ باهه لڳڻ سبب چئن ڀيڻ ڀائرن سوڌو فوت ٿيلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو

فوتين ۾ 12 سالن جي صائمه، 11 ورهين جو فرحان، 9 سالن جو ڪامران ۽ 8 ورهين جي طيبه شامل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان شارٽ سرڪٽ سبب جهڳين کي باهه لڳي، فائر برگيڊ گاڏين باهه تي ضابطو آندو

صوبائي وزير امتياز شيخ واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته غيرقانوني ڪُنڊا سسٽم جي ڪري واقعو پيش آيو، ڪي اليڪٽرڪ جي ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

ڇاڇرو ۽ ٽنڊو باگو ۾ باهه جي ڌار ڌار واقعن ۾ 9 گهر سڙي ويا