ڇاڇرو ۽ ٽنڊو باگو ۾ باهه جي ڌار ڌار واقعن ۾ 9 گهر سڙي ويا

0
369
ڇاڇرو ۽ ٽنڊو باگو ۾ باهه جي ڌار ڌار واقعن
ڇاڇرو ۽ ٽنڊو باگو ۾ باهه جي ڌار ڌار واقعن ۾ 9 گهر سڙي ويا

ڪراچي: ڇاڇرو ۽ ٽنڊو باگو ۾ باهه جي ڌار ڌار واقعن ۾ 9 گهر سڙي ويا، ٽنڊو باگو جي ڳوٺ باهرا ميمڻ ۾اوچتو باهه لڳڻ سبب 4 گهر الهه تلهه سوڌو سڙي رک،ڳوٺاڻن گڏجي پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي ورتو

ڇاڇرو جي ڳوٺ وائوڙِي دوارا ۾ چلهه جي چڻنگ مان باهه ڀڙڪي پئي، 10 ٻڪريون سڙي مري ويون، باهه سبب 5 گهر سڙي ويا، باهه متاثر ڪٽنب کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن