ڪراچي جي وڌيڪ ٻن طبي مرڪزن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي اجازت

0
265

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪراچي جي ٻن طبي مرڪزن کي ڪورونا ويڪسينيشن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب، اين سي او سي جي طرفان انڊس اسپتال ۽ ٽبا هارٽ انسٽيٽيوٽ کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن کانپوءِ ٻئي سينٽرز ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جا اهل هوندا،ذريعن جو چوڻ آهي ته اين سي او سي جي تحت ڪراچي ۾ نجي سطح تي ويڪسين لڳائيندڙ سينٽرز جو انگ 6 ٿي ويو آهي.