ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو: سنڌ جو قومي خدمتگذار

0
143
ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو: سنڌ جو قومي خدمتگذار

 اڄ دل بار بار اھا انگل ڪري رھي ھئي تہ سنڌ جي ڪنھن قومي خدمتگذار کي ياد ڪجي. انھي تي لکجي. انھي جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن بابت لکجي. قومي ماڻھو قوم جي دردن جو قدردان ھوندو آھي. انھي کي قوم لاءِ احساس ھوندو آھي. انھي کي قوم جي ڳڻتي ھوندي آھي. اھي قوم جي ترقي لاءِ ھر قدم کڻندا جنھن سان قوم جو فائدو ٿئي. ڌرتي مٿان ھر روز ڪيترائي انسان جنم وٺن ٿا پر ڪن  انسانن جو جنم ڌرتي ۽ قوم لاءِ ھوندو آھي. اھي انمول انسان انسانيت جي خدمت لاءِ خاص خلقيا ويندا آھن. اھي انسان پنھنجي جان قوم ۽ وطن خاطر قربان ڪري ڇڏيندا آھن، تن مان ھن خوبصورت ڌرتي جو ارڏو پٽ ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو بہ ھڪ ھو.

                 ڪاڪو علڻ خان 10 جولائي 1932ع م خير محمد ٿيٻي جي گھر م جنم ورتو. ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو ننڍپڻ کان ذھين ۽ ڏاھو انسان ھو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀيان ۾ ورتي. 1950ع ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ بي اي گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري مان ڪري 1958ع ۾ وڪالت جو امتحان مسلم لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ڪجهه عرصو وڪالت به ڪيائين. ڪاڪو علڻ خان سخي دل ۽ فقير منش انسان جي دل ۾ ڌرتي جو درد اٿيو ته سنڌ توڙي علائقي جي بھتري لاءِ ڪم ڪيائين. ڪاڪو علڻ خان ننڍي کنڊ جي عظيم ليڊر سائين جي ايم سيد جو ويجھو ساٿي ھو. سائينءَ جي ايم سيد ۽ ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو علائقي جي لحاظ کان پاڙيسري به آھن. سن ۽ ڪاڪي علڻ جو ڳوٺ تمام پري نه آھن ڪاڪو علڻ خان ٿيٻي جو ڳوٺ منظورآباد جي نـالي سان انڊس ھاءِ وي جي ساڄي پاسي تي واقع آھي.

سائين جي ايم سيد لاءِ اھو اڪثر مشھور آھي تہ سائين جي ايم سيد ۽ علي محمد شاھ راشدي پاڻ م تمام حجتي ھئا. جيڪڏھن علي محمد شاھ راشدي ۽ ڪاڪي علڻ خان ٿيٻي جو نالو گڏ کڻجي تہ انھي جو فيصلو ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو. ڪاڪي علڻ خان ٿيٻي لاءِ ھن وقت بہ پنھنجي ڳوٺ ۾ وڏڙن کان ڪيترائي قصا ۽ ڪھاڻيون ٻڌندا آھيون، ڇاڪاڻ وطن دوست شخصيتن جا قصا ھميشه ٻڌڻ لاءِ ملندا آھن. ڪاڪو علڻ خان جڏھن لوڪل بورڊ دادو جي ميمبر لاءِ اليڪشن ۾ بيٺو ۽ آساني سان ڪامياب ٿيو. لوڪل بورڊ جي اليڪشن کٽڻ جو سبب به وطن  دوستي ۽ عوام دوستي ھئي. ڪاڪو عوام سان محبت ڪندو ھو ته بدلي ۾ ماڻھو به محبت  ڏيندا ھئا. هن لوڪل بورڊ جي نمائندي ٿيڻ کان پوءِ ڪيترين ئي علائقن ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول کولرايا. ٻيا به ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا.

جڏھن سيد جي ڏنگن ٻارن مٿان ڪيس ٿيندا ھئا ۽ سائين جي ايم سيد کي خبر پوندي ھئي ته سائين، ڪاڪي علڻ کي پيغام موڪليندو ھو ته فلاڻي ڪارڪن مٿان ڪيس ٿيو آھي، پوءِ ان ڪارڪن جي ضمانت کان وٺي سڀ ڪم ڪاڪي علڻ جي ذمي ھوندا ھئا. قومي سياست ڪرڻ ۽ قومي سوچ رکڻ سبب ڪاڪي کي 6 مھينا مچ جيل ۾ گذارڻا پيا. 1976 ۽ 1977ع ۾ جڏھن ڀٽي صاحب جو دور ھو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جيل ۾ قيد جا ڏينھڙا گھاريائين. ڪاڪي پنھنجي سياست کي پنھنجي ذات لاءِ ڪڏھن به استعمال نه ڪيو. ڪاڪي پنھنجي ذاتي ملڪيت کپائي به غريبن ۽ قومي ڪارڪنن جي مدد ڪئي.

عبدالواحد آريسر جديد دور جي چئن درويشن جي نالي سان ھڪ ڪتاب لکيو ۽ ڪتاب ۾ عبدالواحد آريسر جن جديد دور جي چئن درويشن جو ذڪر ڪري ٿو، انهن ۾ ڪاڪو علڻ خان به هڪ آھي. قومي خدمتگذار ڪاڪو علڻ خان ائين پوري سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان نڀائيندي نڀائيندي 24 مارچ 1994ع تي سنڌ جي سيني تي ھميشه لاءِ سمھي پيو. تازو ئي ايس يو پي جي پليٽ تان ڪاڪي جي نياڻي ياسمين ٿيٻو ضلعي ڄامشوري ۾ عورتن جي سيٽ تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر منتخب ٿي آھي. ياسمين ٿيٻو ڪاڪي علڻ تي ھڪڙو ننڍڙو ڪتاب سھيڙيو آھي، جنھن ۾ ڪاڪي جي شخصيت مٿان ڪاڪي جي دوستن، سياسي ساٿين، سياسي مخالفن ۽ مٽن مائٽن جا مختلف رايا آھن.