جلندڙ راتيون

0
147
جلندڙ راتيون

 اسان جي پاڙي کان هڪ ميل جي مفاصلي تي ڪجھ گهرڙا هئا. اهي گهر هڪ ٻروچ قبيلي جي ماڻھن جا هئا، جيڪي پاڻ ۾ ماما ڀاڻيجا، سئوٽ ماسات هئا. انهن جي گهرن کي ٻٻر جي ڍنگهرن جا لوڙھا هئا. انهن لوڙھن مٿان جڏھن اوڌائون لڳنديون هيون ته مٽي ڄمي ويندي هئي. وري جڏھن برسات پوندي هئي ته لوڙھا جهڪي ويندا هئا. پوءِ وري ٻئي سال ھو ماڻھو پيا لوڙھن مٿان نوان ڍنگهر هڻندا هئا. انهن ڳوٺاڻن سميت ٻھراڙين جي اڪثر ڪچن گهرن جي لوڙھن جي گهٽين کي، هر رات ڪنڊ وڻ جي ڊنگهرن سان بند ڪيو ويندو هو ته جيئن ڪو چور چڪار گهر ۾ گهڙي نه اچي. جڏهن ڪو چور ڊنگهر لاهي گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ڍنگهرن جي ٺڪائن تي ڪتا سجاڳ ٿي ڀونڪندا هئا ۽ گهر ڀاتي جاڳي هڪلون ڪندا هئا ته چور ڀڄي ويندا هئا.

                 اها سرد رات جي پوئين ويل هئي، جنهن رات اسان جي پاڙي ويجهو انهن گهرن ۾ مقتول جوان جو سڳو مامون، جنهن جون ٻئي ٻانهون ڪڙھي جي منر جيان اندر طرف وريل هيون.   سندس اهي ٻانهون پنڌڙين ڏاندن کي ميلن ۾ ڊوڙائڻ دوران سرڪش ڍڳن جي تيز ڊوڙ ۾ ڪِري پوڻ سان ڀڳيون هيون. ان رات هو پنهنجا پٽ وٺي ڀاڻيجن جي گهر جي لوڙھي جي پوئين پاسي کان داخل ٿي ان مٿن بندوقن جا منهن کولي ڇڏيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو موقعي تي مارجي ويو هو، جڏھن ته عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا هئا. اها سرد رات انهن ماڻھن لاءِ خوني رات هئي. صبوح جو انهن گهرن جو منظر دل ڏاريندڙ هو. صبوح جو جڏھن ڪيئي ڪانڌي اچي ڪٺا ٿيا ته ان وقت مقتول نوجوان جي پوڙھي ماءُ بيوسي مان زارو قطار ٿي رني. ان وقت مون کي آمريڪا جي قومي شاعر والٽ وٽمئن (1892-1819ع) جون هي سِٽون ياد آيون:

آئون ويٺو آھيان

۽ ويٺو ڏسان

دنيا جا سمورا غم

سمورا ظلم ۽ سموريون ذلتون

آئون ٻڌان پيو

لڪل، هينئون ڦاڙيندڙ سڏڪا

انهن نوجوانن جا

جيڪي پنهنجو پاڻ مان تنگ آھن

۽ جيڪي ڪيو اٿن

تنهن مان بيزار ۽ پاڻ تي شرمسار آھن

مون کي گهڻو پوءِ جو هڪ ٻيو واقعو به ياد ٿو پوي. توڳياڻي علائقي کان ڏکڻ ۾، جتي ڪنهن زماني ۾ جهنگ هوندو هو. جهنگ ۾ بگهڙ وڙھندا هئا. مسافر بلڙي شاهه ڪريم  کان  کورواهه جو سفر خوف ۾ ڪندا هئا. مسافر سفر گهڻو ڪري ڍڳي گاڏين تي يا گهوڙن تي ڪندا هئا. جيڪڏھن ڪو اڪيلو مسافر ايندو  ويندو هو ته هو پنهنجي ڪکين تي کيٺر ٻڌي، هٿ ۾ ڪهاڙي يا لٺ کڻي نڪرندو هو، ڇاڪاڻ ته بگهڙ حملي وقت ڪک ڦاڙيندا هئا. بلڙي ۽ کورواهه جي وچ وارو ڪڇو رستو غالبن صدر ايوب جي دور ۾ ٺھيو هو. ان ڊگهي ڪچي رستي تي هر هڪ ميل جي مفاصلي تي هڪ  ڀٿر لڳل هوندو هو، جنهن تي شھر جو نالو ۽ ميلن جو تعداد لکيل هوندو هو. ان  ڪچي رستي جي وچ تي هڪ شام ٻه ماڻھو تاڙ ۾ ويٺل ماڻھن جي هٿان قتل ٿي ويا هئا. قاتل ۽ مقتول شڪارپور جا رهاڪو هئا، جن جا پاڻ ۾ ڌر کان ئي تڪرار هلندڙ هئا. قتل ٿيل همراهه ڪجھ عرصو اڳ ميران پور جهوڪ ۾ گهر وٺي اچي رهيا هئا، جيڪي ان ڏينهن ڪم سانگي ان ڪچي رستي تان ٿي ويا ته هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويا. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ مقتول جو پٽ مون وٽ آيو ته مون وٽ ڪجھ به ناهي رهيو، پوليس به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آھي، آئون دربدر ٿي ويو آھيان. آئون هاڻي ڪلاشنڪوف کڻي ڪچي جو رخ ڪرڻ چاهيان ٿو. مون چيس ته ائين نه ڪج، تنهنجو نسل رلي ويندو، تنهنجي زندگي سڙي ويندي. ڏکيو وقت نيٺ گذري وڃڻو آھي. منهنجي ان چوڻ تي هو آفيس ۾ زارو قطار روئڻ لڳو. مون کي ان وقت وئٽنام جي  شاعر گيانگ نام جون هي سٽون ياد آيون:

اڄ مون توکي ٻڌو،

ڳالھ سوچي نه سگهڻ جهڙي پر سچي آھي،

تنهنجي والد کي شوٽ ڪيائون ۽ پري اڇلائي ڇڏيائون

ڇو، جو تون انقلابي گوريلو آھين،

منهنجي دل کي ڏک رانبوٽا هڻي رهيو آھي،

آئون جيئرو به آھيان ۽ مري ويو آھيان.

ماڻھن تي ڪڏھن قدرتي آفتون اينديون آھن ته ڪي ماڻھو ان کي صبر سان منهن ڏيندا آھن ته ڪجھ ماڻھو پنهنجي انا سان ان کان وڌيڪ نقصان کائي ويندا آھن، پوءِ اهي سياسي ڪارڪن هجن يا ليڊر.

شيخ مجيب الرحمان بنگالي قوم کي پٺ تي ويندو ڏسي آزاديءَ جي تحريڪ هلائي هئي. تحريڪ هلائڻ جي نتيجي ۾ 1971ع ۾ بنگلاديش جي نالي ۾ هڪ نئين ملڪ آزادي ته ماڻي پر ان جي بانيءَ کي 14 ۽ 15 آگسٽ 1975ع جي وچ  واري رات خاندان سميت قتل ڪيو ويو ۽ ڌان منڊي ڍاڪا ۾ واقع سندس گهر کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو. بنگلاديش ۾  Bangla Bandhu  سڏجندڙ شيخ مجيب کي  سندس ئي اعتماد جوڳي ساٿي خوندڪر مشتاق، جيڪو سندس ڪابينا جو وزير هو، ان سازش ڪئي ۽ مجيب قتل ٿي ويو. هو مجيب کان پوءِ ٿورو ئي عرصو بنگلاديش جو پنجون صدر بڻيو پر هڪ ٻي سازش جي نتيجي ۾ مشتاق احمد  کي به عهدو ڇڏڻو پيو. بنگلاديش جي سرزمين تي سازشن جي نتيجي ۾ ٻه ٻيا به خوني واقعا ٿيا، جنهن ۾ ھڪ واقعي ۾ 21 جولاءِ 1976ع تي ميجر ابو طاهر قتل ڪيو ويو، جنهن کي، چيو وڃي ٿو ته،  ميجر جنرل ضياءُ الرحمان قتل ڪرايو هو. ان کان اڳ برگيڊر خالد مشرف کي به قتل ڪيو ويو هو، جنهن خلاف سازش ڪندڙ ميجر ابو طاهر هو. ان بعد 1981ع ۾ هڪ ٻئي بنگلاديشي صدر ميجر جنرل ضياءُ الرحمان کي به سندس ڇهن گارڊن سميت چٽاگانگ سرڪٽ ھائوس ۾ قتل ڪيو ويو، جتي هو دوري تي ويل هو. جڏھن سندس جنازو پارليامينٽ اسڪوائر آندو ويو ته هزارين ڪانڌين سندس لاش کي ڪلهو ڏنو.

پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي ميت کي  ته ڪارڪنن توڙي عام ماڻھن کي ڪلهو ڏيڻ نه ڏنو ويو، سندس ميت 4 اپريل 1979ع جي صبح فوج جي نگرانيءَ ۾ ڳڙھي خدابخش جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. جولاءِ جي اها رات تاريخ جي وڏي ۾ وڏي خوني رات هئي، جنهن رات چونڊيل وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ آخر سندس عدالتي قتل ڪيو ويو.

20 سيپٽمبر 1996ع جي رات به خوني رات هئي، جنهن رات ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي موڀي پٽ ۽ ان وقت جي وزير اعظم بينظير ڀٽو جي ڀاءَ مير مرتضي ڀٽو کي ستر ڪلفٽن ويجهو سندس بنگلي سامهون پوليس جي اٽالن گوليون هڻي سندس ساٿين سميت قتل ڪري ڇڏيو. وقت جي وزير اعظم مٿي ۽ پيرن اگهاڙي اسپتال پهتي هئي. ان کان اڳ سندس دلير ڀاءَ جي ساهه جو سڳو ٽُٽي چڪو هو.

بينظير ڀٽو پاڻ به ڪيترن ئي خوني حملن مان بچندي، 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪري جيئن ئي نڪتي ته کيس ڪنڌ ۾  گوليون هنيون ويون. گولين لڳڻ ڪري هوءَ شھيد ٿي ويئي. سندس شھادت کان پوءِ ان سرد موسم جي رات نه فقط لکين ماڻھن جاڳي گهرن ۾ مچ ٻاري گذاري پر ڪروڙين ماڻھن جي دلين ۾ به سندس شھادت جي وڇوڙي جي آگ ٿي جلي. اها رات نه فقط ملڪ جون سرڪاري عمارتون جلي رهيون هيون پر ملڪ جي رستن ۽ بازارن ۾ به ماتم هو.

آئون خوني راتين جو ذڪر ڪندي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتو آھيان. ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ته مون کي موالي آدم ياد ٿو اچي، جيڪو جڏھن مون ڏٺو هو ته جهونو ٿي چڪو هو. هن وٽ هميشه اڇي جهڳ ڪهاڙي ساڻ ھوندي هئي. هو اڪثر ڪري لوڻيلو ۾ سندن هڪ سئو ايڪڙ زرعي، زمين جنهن جا پاڻ هاري رهندا ٿي آيا، زميندار پاران اها زمين ٻين ماڻھن کي وڪرو ڪري ڏني ويئي هئي. اها خبر پوڻ سان هارين زمين جو قبضو ڇڏڻ کان انڪار ڪري زمين تي جهوپڙي اڏي موالي آدم کي ويهاري ڇڏيو هو، جيڪو رات ڏينهن اتي رهيو پيو هو. موالي آدم زمين خريد ڪيل ماڻھن پاران هڪ رات اوچتي ڪيل  مٿس حملي جو ذڪر بار بار ڪندو هو. هو سدائين اهو پيو ورجائيندو هو ته اها خوني رات هئي پر مون اڪيلي ڄڻي ڪهاڙي ساڻ  ڪري کوٽيل کاهيءَ ۾ ليٽي ساري رات ٿيندڙ فائرنگ کان پاڻ بچائي باک ڦٽيءَ جو حملي آورن کي پوئتي موٽڻ تي مجبور ڪيو هو. هو جڏھن اهو قصو ٻڌائيندو هو ته ٻڌندڙن تي خوف طاري ڪري ڇڏيندو هو.

هن وقت نه اهي ڪردار زنده رهيا آھن، نه ئي ساڳيو وقت رهيو آھي. آئون چوان ٿو ته سازشن سان راتيون توڙي ڏينهن  دوزخ بڻجي ويندا آھن ۽ زندگي گهٽجي ويندي آھي. بهتري ان ۾ آهي ته هر ماڻھو پنهنجي زندگي خوشين ۾ گذاري ۽ جڏھن مري وڃي ته محبتن جي نغمن ۾ جيئي ۽ زندگي ۾ هر ان عمل کان ڪنارو ڪري، جنهن سان ڏينهن ۽ راتيون خوني ٿيندا هجن.